ڊفينس ۾ چانهه ڍاٻن تي منشيات جو وڪرو، ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر+ م ڊ) ڊي ايڇ اي ۾ چانهه خانن ۾ منشيات جي وڪري جي شڪايتن جي حوالي سان ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن جي آفيس  ۾ صدر سي بي سي اسٽيشن ڪمانڊر بريگيڊيئر عابد علي عسڪري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محمد سليم حسن وٽو، ڪرنل خالد، ايس پي ڪلفٽن عمران مرزا، اينٽي نارڪوٽڪس ۽ چانهه خانن جي مالڪن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ضابطا اخلاق جوڙيا ويا جنهن ۾ چانهه خانن ۾ منشيات جي روڪٿام تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو، چانهه خانا پنهنجي ملازمن جي پوليس اسٽيشن ۾ رجسٽريشن ڪرائيندا، سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب ڪيون وينديون، فٽ پاٿن ۽ روڊ تي ٽيبل ۽ ڪرسيون نه لڳايون وينديون، رات ساڍي 11 وڳي کانپوءِ ڪنهن صارف کي اچڻ جي اجازت نه هوندي، رات 12 وڳي چانهه خانا بند ڪيا ويندا، سي بي سي صدر چيو ته چانهه خانن ۾ منشيات جي خريد ۽ وڪري جون شڪايتون ملي رهيون هيون، مالڪ جلد هڪ ڪميٽي بڻائين، ياد رهي ته برطانيا مان ايم علي خان 5 آڪٽوبر تي ميڊيا کي خط لکي آگاهه ڪيو ته ڊفينس ۾ منهنجو 17 سالن جو پٽ ” چانهه ڍاٻاز“ تي وڃي منشيات جو عادي ٿي ويو، هن لکيو ته چانهه خانن جي اوٽ ۾ منشيات جو ڌنڌو هلي رهيو آهي، منهنجو خاندان صدمي سبب برطانيه لڏي ويو، جتي منهنجو پٽ تيمور مانچسٽر جي ريهيبليٽيشن سينٽر ۾ علاج ڪرائي رهيو آهي، هن چيو ته ڊفينس ۾ چانهه ڍاٻن جي ڪاروبار جو هڪ بااثر شخص عزيز سهروردي سرپرستي ڪري رهيو آهي، جيڪو ڊي ايڇ اي ڪلفٽن ڪنٽونمينٽس جو صدر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.