دارا واھڻ ڀرسان محفل ذڪرِ حبيب و احباب حبيب ڪوٺائي وئي

دارا واھڻ ڀرسان ڳوٺ حاجي ارباب ڪٽوھر  ۾ محفل ذڪرِ حبيب و احباب حبيب  ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ عالمن الحاج نعمت الله سولنگي ،علي گوھر ڌاريجو ، مولانا نور محمدمري ۽ ٻين ڳالهائيندي  چيو ته  نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن  جي تبليغ ٻڌي  ۽پيار محبت ڏسي ڪافر به مسلمان  ٿي ويندا هئا ، اڄ اسين  نماز ، قرآن کان پري آھيون تڏهن ئي پريشان آھيون، هنن چيو ته  سڀني مسلمانن کي گھرجي ته پنج وقت نماز ۽ قرآن پاڪ جي  تلاوت کي يقيني بڻايون ، ان موقعي تي  نعت خوانن پاران حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ نعتون پڙھيون ويون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.