قمبر: گلشن اقبال ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي مان کنڀي گم ڪيل ستار هڪڙي جي آزادي لاءِ قمبر جي شهداء چوڪ تي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ سڀاء جي مرڪزي صدر انعام عباسي ستار هڪڙو جي ڀاءُ عبدالجبار هڪڙو، اسلم هڪڙو، ميرمرتضي کوسو ۽ ٻين ڪئي . هنن وڌيڪ چيو ته رياست ڏاڍ ذريعي سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ گهري ٿي قومي سياست ڪندڙ سنڌي نوجوانن کي بغير ڏوھ جي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي ۽ سالن جا سال هو عقبوت خانن ۾ اذيت سهندي مري وڃن ٿا،هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي معاملي تي ازخود نوٽيس وٺي کين بازياب ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.