18 آڪٽوبر جي جلسي حڪمرانن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون:محمد بخش مهر

پيپلزپارتي جي ايم اين اي محمد بخش مهر چيو آھي ته 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ جلسي حڪمران پارٽي جي ننڍ ڦٽائي ڇڏي آھي ، سليڪٽيڊ حڪومت نئين سال جو سج ڏسڻ کان اڳ ئي گهر ڀيڙو ٿيندي. خانڳڙھ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي مختلف وفدن سان ملاقات ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن ،محمد بخش مهر جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ملڪ ۾ بيروزگاري جو تناسب ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي پر خانصاحب کي ڪابه ڳڻتي ڪونهي. پ پ ايم اين اي جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پي ٽي آء  عوام کي خوشحالي جا خواب ڏيکاري عوام سان ٺڳي ۽ دوکو ڪيو آھي. جنهن جو کين هاڻي حساب ڏيڻو پوندو. ٻئي پاسي محمد بخش خان مهر سان پي ٽي آء  ايم اين اي شھر يار خان  شر جي ڀائٽي امتياز خان شر ۽ صاحب خان شر , اياز خان شر خانڳڙھ پهچي ملاقات بعد پيپلز پارٽي ۾ اچڻ جي هامي ڀري . پارٽي ۾ اچڻ   جو باضابطه اعلان ڏھرڪي جلسي ۾ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.