مولانا عادل جي قاتلن جي گرفتاري ۾ مدد ڏيندڙ لاءِ 50 لک انعام جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس مولانا عادل خان ۽ سندس ڊرائيور جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عوام کان به مدد حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي قاتلن جي نشاندهي ڪندڙن لاءِ 50 لک انعامي رقم مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ جي سربراهي ۾ مولانا عادل خان قتل ڪيس جي جاچ لاءِ بڻايل 4 رڪني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ واقعي بابت سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ موجود شاهدين جي روشني ۾ ڪيل جاچ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ قاتلن جي باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪرڻ تي 50 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ان حوالي سان ڪميٽي ۾ شامل ڊي آءِ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ عمر شاهد ٻڌايو ته ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته دهشتگردن جي نشاندهي يا انهن جي گرفتاري ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي 50 لک رپيا انعام مقرر ڪيو وڃي، جاچ ڪميٽي پنهنجون سفارشون مرتب ڪري آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن ۽ هن طرفان سنڌ جي گهرو کاتي کان انعامي رقم مقرر ڪرڻ بابت سفارش ڪئي وئي آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته اطلاع ڏيندڙ جو نالو ڳجهه ۾ رکيو ويندو جڏهن ته ماضي ۾ هائي پروفائل ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ جوابدار جي گرفتاري لاءِ انعامي رقم مقرر ٿيندي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.