عاصم باجوا معاملي تي به آصف زرداري ۽ نواز شريف جهڙي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي: پ پ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته پي ڊي ايم عوام ۽ جمهوريت جو ڪيس کڻي نڪتي آهي، سليڪٽڊ حڪمران تمام جلد ڏسندا ته اصل عوامي تحريڪ ڇا هوندي آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار پ پ پارليامينٽرين جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نفيسا شاهه ۽ مرڪزي ڊپٽي اطلاعات پلوشا خان ميڊيا سيل بلاول هائوس ۾ سينيٽر سسئي پليجو، عاجز ڌامراهه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.

نفيسا شاهه چيو وزيراعظم چئي ٿو ته مان جمهوريت آهيان، جيڪڏهن هو جمهوريت آهي ته جمهوريت بڻجي ڏيکاري پر حقيقت ۾ وزيراعظم ٽائيگر فورس جو ڊان بڻجي چڪو آهي، پ پ ٽائيگر فورس کي چئلينج ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اطلاعات وارو وزير هڪ پاسي چئي ٿو ته اپوزيشن کي جلسي جي اجازت آهي، ٻئي پاسي وري ٿاڻيدارن وارن حربا آزمايا پيا وڃن.

پلوشا خان چيو ته آصف باجوا جي معاملي تي به اهڙي ئي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جهڙي کي نواز شريف ۽ آصف زرداري منهن ڏنو، ڇو ته عاصم باجوا هڪ رٽائرڊ شخص ۽ پي ٽي آءِ جو رڪن آهي.

سندس چوڻ هو سليڪٽڊ حڪمران تمام جلد ڏسندا ته اصل عوامي تحريڪ ڇا هوندي آهي ۽ ٻين جي ڪلهن تي ويهي اقتدار ۾ اچڻ ڇا هوندو آهي، سليڪٽڊ حڪمرانن جا هاڻ ئي هوش اڏي ويا آهن.

هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي فورس ۽ ٽائيگر فورس ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، مولانا فضل الرحمان جي فورس اها ئي آهي، جيڪا سڀني پارٽين جي هوندي آهي، جنهن جو ڪم جلسا آرگنائيز ڪرڻ هوندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.