غوث علي شاهه اولاد کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، ڪيس داخل

 

خيرپور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سيد غوث علي شاهه اولاد کي نافرمان قرار ڏيندي انهن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي.

الغوث ھائوس خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد غوث علي شاهه چيو ته مان پنهنجي نافرمان اولاد کان ميڊيا سامهون لاتعلقي جو اظهار ڪريان ٿو، ملڪيت تان لاتعلق ٿيندڙن ۾ علي حيدر شاهه، شبير حيدر شاهه، ڌي شاهدان شاهه ۽ سندن اولاد شامل آھن.

هن چيو ته منهنجي ننڍي گهرواري سيد فرخندهه شاهه، پٽ صفدر حيدر شاهه، امير حيدر شاهه، ڌيءُ شاهينا فاطما شاهه ۽ سندس اولاد مليڪت جي وارثن ۾ شامل آھن.

هن الزام هڻندي چيو ته پٽ علي حيدر شاهه ۽ شبير حيدر شاهه جي پٽ قربان علي شاهه، نواز علي شاهه ساٿين جي مدد سان مون کي، منهنجي ننڊي گهرواري ۽ ان مان هڪ پٽ صفدر شاهه کي قتل ڪرڻ جي پلاننگ جوڙي منهنجي ملڪيت ڦٻائڻ پئي چاهي پر پلاننگ ناڪام ٿي وئي.

سندس چوڻ هو ته مان ڏاڍو ڏکارو آهيان، نافرمان اولاد سان سڀ واسطا ختم ڪريان ٿو، نافرمان اولاد ۽ پوٽن جا واسطا ڏوهارين سان آھن، جن خلاف قانوني ڪارروائي جي اپيل ڪريان ٿو.

هوڏانهن غوث علي شاهه جي فرياد تي پريالوءِ ٿاڻي تي سندس پٽن ۽ پوٽن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ علي حيدر شاهه، بشير حيدر شاھه، قربان شاھه، نواز علي شاهه، جعفر شاھ ۽ ٻيا نامزد آهن.

ذريعن موجب پوليس سيد جعفر شاھه سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ٻئي پاسي غوث علي شاهه جي پٽ سيد علي حيدر شاهه چيو آهي ته بابا سائين ننڍي گهرواري جي چوڻ تي ملڪيت جي ورهاست ۾ اسان سان ناجائزي ڪري رهيو آهي، اسان بابا سائين کي مارائڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.