قمبر : قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدار کي ڦاهي، 7 کي عمر قيد

قمبر جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي جج غلام قادر تنيو جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدار الله بخش ڪانڌڙو ۽ ممتاز ڪانڌڙو کي ڦاهي جي سزا ۽ 7 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، عمر قيد جي سزا سميت مجموعي طور 56 لک روپين جي ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي آهي، عمر قيد ملندڙ جوابدارن ۾ سائين رکيو ڪانڌڙو ،ضمير ڪانڌڙو ،محمد سعيد ڪانڌڙو، اياز ڪانڌڙو ،شاھ مردان ، مختيار علي ۽ مھتاب ڪانڌڙو شامل آهن،  جوابدارن ٻه سال اڳ نصيرآباد ٿاڻي جي حد ۾ نوناري محلي ۾ پنهنجي ئي برداري جي نوجوان امير ڪانڌڙو کي ڏنڊا هڻي قتل ڪرڻ سميت 5 ڄڻن کي سخت زخمي ڪيو هو جڏهن ته فوتي جو ڀاءُ زخمي امين ڪانڌڙو هڪ مهيني اندر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.