نوابشاهه: ڪمشنر پاران هائوسنگ سوسائٽي ۾ يوٽيلٽي اسٽور جو افتتاح

ڪمشنر شهيد  بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھه هائوسنگ سوسائٽي نوابشاھه ۾ نئين قائم ٿيل يوٽيلٽي اسٽور جو افتتاح ڪيو.ڪمشنر ريجنل مينيجريوٽيليٽي اسٽور نياز علي بروهي سان گڏجي  اسٽور جو دورو ڪري اسٽور ۾ موجود شين جو معائنو پڻ ڪيو ، ان موقعي تي ڪمشنر سيد محسن علي شاھه يوٽيلٽي اسٽور عملي سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت پاران غريب عوام کي مارڪيٽ کان رعايتي اگهن تي کاڌ خوراڪ سميت بنيادي استعمال جون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽور جو ادارو قائم ڪيو ويو آهي انهي ڪري اوهان تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اوهان پنهنجا فرض ايمانداري سان ادا ڪندي کاڌ خوراڪ جون شيون سستي اگھ تي عوام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.