اڳوڻي وڏي وزير غوث علي شاهه پاران نافرمان اولاد سان لاتعلقي جو اظهار

اڳوڻي وڏي وزير۽ جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ سيد غوث علي شاهه چيو آھي ته هو پنهنجي نافرمان اولاد سان ميڊيا جي سامهون  لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿو ، سندس ملڪيت مان لاتعلق ٿيلن ۾  علي حيدر شاهه ، شبير حيدر شاه ، ڌيءَ سيده شاهدا شاه ۽ سندن اولاد شامل آھن،  الغوث ھائوس خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  سيد غوث علي شاهه چيو ته سندس ننڊي گهرواري ڊاڪٽر سيد فرخنده شاهه پٽ سيد صفدر حيدر شاهه  ، پٽ امير حيدر شاه ، وڏي ڌيء شاهينه فاطمه شاهه ۽ سدن اولاد سندس مليڪت جي وارثن ۾ شامل آھن، هن چيو ته سندس پٽ علي حيدر شاهه ۽ شبير حيدر شاهه جا پٽ قربان علي شاهه نواز علي شاهه ساٿين جي مدد سان کيس ۽ سندس  ننڍي گهرواري ۽ ان مان پٽ صفدر شاهه کي قتل ڪرڻ جي پلاننگ جوڙي ملڪيت ڦٻائڻ چاهين پيا تنهنڪري هو ساڻن سڀ واسطا ختم ڪري ٿو.ٻئي پاسي سيد غوث علي شاهه جي پٽ سيد علي حيدر شاھ پنهجو موقف ڏيندي چيو ته سندن والد پنهنجي ننڍي گهر واري جي چوڻ تي ملڪيت جي ورهاست ۾ انهن سان ناجائزي ڪري رهيو آهي. اسان بابا سائين کي مارائڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون، هميشه سندس عزت ۽ خدمت ڪئي آهي، هن چيو ته بابا سائين ڪراچي ۽ لنڊن واري بنگلي سميت زمينون ننڍي گهر واري کي لکت ۾ ڏئي ڇڏيا آهن اسان کي ملڪيت مان ڪوبه حصو ناهي مليو جيڪا ناجائزي آهي .هوڏانهن سيد غوث علي شاهه پاران پٽن ۽ پوٽن تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو جنهن کانپوءِ پوليس سيد جعفر شاھ سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.