في تولو سون 4 سئو رپيا سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 4 سئو رپيا گهٽتائي ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 4 سئو رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 16 هزار هڪ سئو رپيا ٿي وئي آهي.

10 گرام سون 343 رپيا لٿو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 99 هزار 537 رپيا ٿي وئي آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ 21 ڊالر گهٽتائي کانپوءِ في اونس سون 1900 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.