ٽڪ ٽاڪ اسٽارز لاءِ خوشخبري: وفاقي وزير پاران پابندي هٽائڻ جو اِشارو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته شارٽ ويڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تان جلد ئي پابندي هٽائي ويندي.

وفاقي وزير امين الحق اسلام آباد ۾ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلز کي هلائڻ واري آزمائشي منصوبي جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽڪ ٽاڪ تان جلد پابندي هٽائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

وفاقي وزير امين الحق جو چوڻ هو ته هو پاڻ به ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي خلاف آهي ۽ کيس اميد آهي ته شيئرنگ ايپليڪيشن انتظاميا سان معاملا حل ٿي ويندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ امين الحق تصديق ڪئي ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميا حڪومت پاڪستان سان رابطي ۾ آهي ۽ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.

امين الحق موجب مڪمل ضابطن سان ئي ٽڪ ٽاڪ تان پابندي هٽائي ويندي.

وفاقي وزير جلد ٽڪ ٽاڪ تان پابندي هٽائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، پر هن واضح ناهي ڪيو ته ايپليڪيشن تان ڪيستائين پابندي هٽائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.