ٻيٽن تي قبضي خلاف سڄي سنڌ ۾ هڙتال، احتجاجي مظاهرا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

سنڌ جي ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ خلاف ڪراچي، حيدرآباد، نوابشاهه، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٺٽي، بدين، سجاول، سکر، لاڙڪاڻي، دادو، جيڪب آباد، شڪارپور، خيرپور سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ شٽربند هڙتال رهي.

وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي والار خلاف ڌرتي ڌڻين مختلف شهرن ۾ هڙتال سان گڏ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ٿيڻ کي نه رڳو صوبائي خودمختياري پر سنڌ جي وحدت تي حملو ۽ قبضي جي سازش سمجهون ٿا، وفاق کي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.

هنن چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ سنڌ جي ملڪيت رهندا، صدارتي آرڊينس واپس نه ورتو ويو ته دما دم مست قلندر ڪيو ويندو.

هوڏانهن ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڪامياب ھڙتال تي سنڌ جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سنڌي ماڻھن اڄ رضاڪاراڻي طور ڪاروبار بند ڪري صدارتي آرڊينسس کي رد ڪري قومي ٻڌيءَ جو ثبوت ڏنو آھي، صدارتي آرڊيننس واپس نه وٺڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.