ڪجهه ڏينهن جي اندر شين جي اگهن ۾ واضح لاٿ نظر ايندي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه مينهن ۾ شين جي اگهن ۾ واضح لاٿ نظر ايندي.

وفاقي وزيرن فخر امام ۽ حماد اظهر سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته موسمي حالتون بهتر ٿينديون ته پيداوار ۾ بهتري ايندي. حڪومت حڪومت ڏکيا فيصلا نه ڪري ها ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري وڃي ها. مخالف ڌر کي جڏهن اين آر او نه لميو ته هو جلسن جلوسن تي لهي آئي آهي.

هن چيو ته ٽائيگر فورس مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه ٻڌائيندي. سنڌ حڪومت روزاني 10 هزار ٽن ڪڻڪ سڀاڻي کان شروع ڪندي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شين جا گهن ۾ واضح لاٿ نظر ايندي.

فخر امام:

خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير فخر امام ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 10 لک ٽن گهٽتائي ٿي آهي. اڄ به حڪومت وٽ 29 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي. اڄ تائين 14 لک ٽن ڪڻڪ عوام تائين پهچائي. سنڌ ڪڻڪ فراهمي ۾ استحڪام نه ٿيڻ ڏنو، اسان وٽ ڪڻڪ جو چڱو ذخيرو آهي، اڄ ملڪ کان ٻاهر ڪڻڪ جي گهرج وڌيڪ آهي. سنڌ سپلاءِ ڏاڍي دير سان ڪئي.

حماد اظهر:

صنعت واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته مئي 2011ع ۾ ملڪ ۾ 3 لک ٽن کنڊ وڌيڪ هئي جيڪا واجد ضياءَ جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ اڍائي لک ٽن گهٽ ڪئي وئي. اِهو به ٿي سگهي ٿو ته ڊيٽا درست نه هجي. پنجاب حڪومت هڪ کان وڌيڪ ڀيرا شگر ملز جي انفرادي جاچ ڪري رهي آهي.

هن چيو ته کنڊ جي درآمد تي ڊيوٽي ٻڙي ڪري ڇڏ . حڪومتي ڪاوشن سان ڏيڍ لک ٽن کنڊ درآمد ٿي. درآمدي کنڊ 10 کان 15 سيڪڙو گهٽ شرح تي وڪرو ڪئي ويندي. صوبن کي چيو ته وقت تي ڪرشنگ نه ڪندڙ ملز تي 50 لک رپيا ماهوار ڏنڊ هڻنداسين. پنجاب حڪومت طرفان قانون سازي ڪئي وئي آهي. حڪومت کي وڌيڪ کنڊ درآمد ڪرڻي پئي ته ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.