پنجاب حڪومت سموگ کي آفت قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سموگ کي آفت قرار ڏئي ڇڏيو.

سموگ کي آفت قرار ڏيڻ جو فيصلو پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

پنجاب ڪابينا جي منظوري کانپوءِ رليف ڪمشنر سموگ کي آفت قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ”سموگ“ جو مطلب دونهون آهي، ان کي آلودگي يا گدلاڻ به چئي سگهجي ٿو.

ڪيميائي طور ان ۾ صنعتي فضائي مادا، گاڏين جو دونهون، ڪنهن به شئي کي ساڙڻ سان نڪرندڙ دونهون وغيرا شامل هوندو آهي.

سموگ سبب اوزون جي مقدار فضا ۾ خطرناڪ حد تائين وڌي ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.