اوپو ايف سيريز جو نئون سمارٽ فون پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

اوپو ايف 17 پرو جي ٿولهه 7.5 ملي ميٽر کان گھٽ جڏهن ته وزن رڳو 160 گرام آهي.

ايف 17 پرو 6.43 انچن جي سپر اموليڊ ڊسپلي سان ليس آهي جنهن ۾ 1080 پي ريزولوشن ۽ 60 هرٽز ريفريش ريٽ ڏنو ويو آهي.

فون ۾ ميڊيا ٽيڪ هيليو پي 95 پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي، جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان واڌ ڪري سگھجي ٿي.

ان فون ۾ به 4000 ايم اي ايڇ بيٽري 3 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جيڪا 53 منٽن ۾ بيٽري کي مڪمل چارج ڪري سگھي ٿي، جڏهن ته اي آءِ نائيٽ چارجنگ موڊ به ڏنو ويو آهي جيڪو واهپيدارن جي ننڊ دوران آخري 20 سيڪڙو حصو بيدار ٿيڻ کان 9 منٽ پهريان مڪمل ڪري ٿو.

فون ۾ ڊسپلي جو تحفظ اسڪرين جي اندر لڳل آهي، جيڪو ڪمپني موجب ڊوائيس کي 0.3 سيڪنڊن ۾ ان لاڪ ڪري سگھي ٿو.

ان فون جي بيڪ تي به 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي پر ان جي مين ڪيمرا 48 ميگا پسڪل سينسر سان ليس آهي.

ان کان سواءِ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ڏنا ويا آهن.

فرنٽ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ پنچ هو ڊزائين ۾ آهي جيڪو 16 ميگا پڪسل ۽ 2 ميگا پڪسل ڪيمرائن سان گڏ آهي.

۽ ها ان ۾ ايئر جيپسر نالي فيچر به موجود آهي جيڪو ان وقت به ڪال رسيو ڪري سگھي ٿو جڏهن اوهان جا هٿ آلا هجن، پر اهو ڄاڻي وٺو ته فون واٽر ريزيزٽنٽ نه آهي.

اها فون 16 آڪٽوبر تائين پري آڊر ۾ جڏهن ته 17 آڪٽوبر تائين مارڪٽن ۾ دستياب هوندي.

ميجڪ بلو ۽ ميٽي بليڪ رنگن ۾ دستياب اها فون واهپيدارن کي 51 هزار 999 رپين ۾ ملي سگھندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.