”ايندڙ مهيني بيضن ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن ۾ واڌ نه ٿيندي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته سياري جي موسم ۾ بيضن ۽ چڪن جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ نه ٿيندي.

پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن جي ترجمان معروف صديقي ٻڌايو ته ڪورونا ۽ مينهن جي ڪري 50 لک چوزا ختم ٿيڻ سبب ڪڪڙ جي گوشت ۾ واڌ ٿي، ڪورونا کان پوءِ شادي هالز، ريسٽورنٽس به کلي ويا جنهن جي ڪري طلب ۾ فرق آيو ۽ آنا ۽ چڪن مهانگو ٿيو، پر ايندڙ مهيني ڪڪڙ جي گوشت ۽ آنن جي پيداوار ۾ واڌ سان اگهن ۾ گهٽتائي يا وري موجود قيمت برقرار رهي سگهي ٿي،  سياري جي موسم ۾ بيضن ۽ ڪڪڙ جي گوشت ۾ وڌيڪ واڌ نه ٿيندي.

معروف صديقي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ماهوار 80 لک ڪڪڙ ۽ سالياني 157 ارب بيضن جي پيداوار ۽ استعمال ٿيندا آهن، پر گذريل ٻن سالن کان فارمز کي بدترين نقصان ٿيو ۽ 60 سيڪڙو ڪڪڙن جا فارم بند ٿي ويا، فارمز گهٽ هئڻ ۽ گهرج وڌيڪ هئڻ سبب بيضن ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن ۾ واڌ ٿي.

پولٽري ايسوسيئيشن جي ترجمان چيو ته پيداواري لاڳت ۽ فيڊ مهانگي هئڻ سان به ڪڪڙ ۽ بيضا مهانگا ٿيا، 50 ڪلو فيڊ واري ٻوري 2600 کان وڌي 4000 رپين جي ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.