نوشهروفيروز: ڪميشن پاس نرسز پاران پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج

نوشهرو فيروز ۾ هيلٿ کاتي ۾ ڪميشن پاس اسٽاف نرسز پاران 6 مهينن جون پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  ان موقعي تي ڄام نياز حسين، سهيل عمراڻي، سرفراز سومرو، محمد طارق ابڙو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪورونا ايمرجنسي دوران انهن کان ڊيوٽيون ورتيون ويون پر 6 مهينا گذرڻ باوجود پگهارون نه ڏنيون ويون آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ احتجاج دوران سيڪريٽري هيلٿ پڪو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انهن کي 6 مهينن جون رهيل پگهارون ڏئي جلد پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.