”جلسي جو اعلان ٿيندي ئي حڪومت پوليس گردي تي لهي پئي“

 

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 3 مهينا ڊي چوڪ تي جلسو ڪيو ۽ کيس ڪو نقصان نه پهچايو ويو پر پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي جو اعلان ٿيندي ئي حڪومت ”پوليس گردي“ تي لهي پئي آهي.

گوجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته هاڻ حڪومت جلسو نٿي روڪي سگهي، ڇو ته 16 آڪٽوبر تي پاڪستاني عوام مهانگائي خلاف ريفرنڊم ۾ شرڪت سان ثابت ڪندو ته اهي حڪومت مان بيزار ٿي چڪا آهن، پي ڊي ايم پرامن ۽ جمهوري جدوجهد تحت چئن وڏن جلسن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ڏينهن کان اي پي سي ۾ پي ڊي ايم قائم ڪرڻ اعلان ٿيو، تڏهن کان حڪومت جون ڄنگهون ڏَڪي رهيون آهن.

هن چيو ته گوجرانوالا ۾ 16 آڪٽوبر جي جلسي کان اڳ حڪومت خبرون لڳائي رهي هئي ته اپوزيشن جلسا ڪري، اسان کي ڪا پريشاني ناهي پر اڄ پي ڊي ايم ۾ شريڪ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، اڃا ته جلسي جو اعلان ٿيو آهي، ان تي حڪومت جي اها ڪيفيت آهي ته انهن جو ساهه مُنجهي رهيو آهي.

احسن اقبال خبردار ڪيو ته انتظاميا حڪومت جي حڪمن تي غير قانوني ڪارروائين کان پاسو ڪري ۽ آفيسر اينڊا جو حصو نه بڻجن، ڇو ت کين سڀاڻي جواب ڏيڻو پوندو.

ان موقعي تي پي ڊي ايم جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم طرفان 3 آڪٽوبر تي انتظاميا کي درخواست ڏني وئي هئي ته جناح اسٽيڊيم ۾ جلسو ڪرڻ چاهيون ٿا پر اڃا تائين درخواست تي ڪو جواب نه آيو.

هن چيو پي ڊي ايم فيصلو ڪيو ته پهريون جلسو 16 آڪٽوبر تي جي ٽي روڊ گوجرانوالا شهر ۾ ٿيندو ۽ مان اڄ پنجاب جي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، گوجرانوالا جي ڪمشنر سميت ٻين کي گذارش ڪندس ته توهان وزيراعظم جا ملازم ناهيو، توهان پاڪستاني حڪومت جا ملازم آهيو، جيڪڏهن توهان عوام جو آئيني حق کسيندئو ته سڀاڻي توهان کي انتظامي معاملن کي منهن ڏيڻو پوندو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن حڪومت پريشان نه هجي ها ته ڪنٽينر گڏ نه ٿين ها ۽ جلسو لاءِ ڏنل درخواست تي جواب ملي وڃي ها، پي ڊي ايم جو جلسو تاريخي هوندو، پوليس اسان جو رستو نٿي روڪي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.