نااهلي ڪيس: فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن سميت سمورا دستاويز فراهم ڪرڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي قومي اسيمبلي ميمبر جي نامزدگي ڪاغذن سميت سمورن دستاويزن جي نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي وزير فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت لڪائڻ تي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته فيصل واوڊا اليڪشن ڪميشن ۾ ٻٽي شهريت بابت ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرايو، هن 11 جون تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ۽ رٽرننگ آفيسر 18 جون تي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا، جڏهن ته فيصل واوڊا آمريڪي شهريت ترڪ ڪرڻ جي درخواست 22 جون تي جمع ڪرائي.

درخواست گذار موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا آمريڪي شهريت رکندڙ هو پر هن اها لڪائي، هن غير قانوني طور پبلڪ آفيس سنڀالي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلن موجب ٻٽي شهريت لڪائڻ تي فيصل واوڊا کي نااهل ڪيو وڃي.

درخواست گذار جي وڪيل بئريسٽر جهانگير جدون چيو ته فيصل وواڊا کي 29 جنوري تي نااهلي ڪيس ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو پر هن طرفان اڄ به جواب داخل ناهي ڪرايو ويو، فيصل واوڊا عدالتي نظام کي مذاق بڻائي رکيو آهي، هو گهر ويٺي کلندو هوندو.

ان تي جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿي آهي، مون کي خبر آهي ته ان کي ڪيئن هينڊل ڪرڻو آهي.

عدالت اليڪشن ڪميشن کي فيصل واوڊا جي نامزدگي ڪاغذن سميت سمورن لاڳاپيل دستاويزن جي نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.