اين اي 120 ۾ ننڍي چونڊ دوران ترقياتي ڪم وارو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ آهي ته 2017ع ۾ نواز شريف جي نااهلي کان پوءِ اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ ڪلثوم نواز جي ڪاميابي جي لاءِ سرڪاري ناڻي مان اڍائي ارب رپيا خرچ ڪيا ويا ۽ هاڻ اِهو معاملو اينٽي ڪرپشن کاتي کان نيب ڏانهن موڪليو پيو وڃي.

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته اڄ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو استعمال ڪيو پيو وڃي، ۽ ڌانڌلي روڪڻ جي لاءِ ننڍي چونڊ ۾ حڪومت جي دخل اندازي کي روڪي سگهجي ٿو، جڏهن ته 28 جولاءِ 2017ع تي نواز شريف نااهل قرار ٿيو، جنهن کان پوءِ تڪ ۾ ننڍي چونڊ ٿي، مريم نواز شاهد خاقان عباسي سان گڏجي منصوبو بڻايو ۽ اين اي 120 جي چونڊ تي اڍائي ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، قانون جي تحت اِهي پيسا خرچ نه پئي ٿي سگهي ، ان وقت ووٽ کي عزت جو نعرو ڪٿي هو.

شهزاد اڪبر ٻڌايو ته اين اي 120 ۾ ننڍي چونڊ آئين جي موجب ٿيڻي هئي، پر ڇانگا مانگا جي سياست ڪندڙن ڌانڌلي جو منصوبو بڻايو، شريف خاندان هميشه ڇانگا مانگا جي سياست کي هٿي ڏني، مريم صفدر منصوبو بڻايو ته چونڊ چوري ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ هن لاهور ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي ڊيلي ايجنسي (ٽيپا) کي استعمال ڪيو، پهرين ڪم ڪيو، پوءِ ٽيڊر ٿيو ۽ آخر ۾ ورڪ آرڊر جاري ڪيو ويو ۽ هي پيسا قانون جي تحت خرچ نه ٿيا.

خاص مددگار چيو ته گذريل دور حڪومت ۾ اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ اڍائي ارب رپيا ٽيڪس پيئر تي خرچ ڪيا ويا، زندگي ۾ ڪڏهن به هنن پنهنجو مال استعمال ناهي ڪيو، اليڪشن دوران ترقياتي ڪمن جي لاءِ فنڊن جي فراهمي جو ريڪارڊ موجود آهي، نيسپاڪ انجنيئرز اعتراف ڪيو ته ننڍي چونڊ دوران تڪ ۾ ڪم ڪيو اينٽي ڪرپشن پنجاب فرانزڪ شاهديون گڏ ڪيون آهن، ڪيس جي رقم وڌيڪ هئڻ جي ڪري معاملو اينٽي ڪرپشن ڏانهن موڪلي رهيا آهيون.

صوبائي وزير ياسمين راشد جو چوڻ هو ته افسوس ٿو ٿئي جڏهن مريم ووٽ جي ڳالهه ڪندي آهي، ان وقت ووٽ جي عزت ڪٿي هئي جڏهن آئون رڙيون ڪندي رهيس ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، مون شاهدين سان گڏ اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشنون داخل ڪيون، ٽيپا جي پڇڻ تي هنن وٽ پيسو ڪو به حساب ڪتاب نه هو، حساب وٺڻ لاءِ ٽيپا جي آفيس جو گهيراءُ به ڪيو ۽ شنوائي نه ٿيڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ويس، ان وقت اسان جي نه ٻڌي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.