جلسن سان اسان به حڪومت نه ڪيرائي سگهياسين، مخالف ڌر جو نشانو فوج ۽ نيب آهي: شيخ رشيد

ملتان(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جو نشانو عدليه، فوج ۽ نيب آهي.

شيخ رشيد احمد ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف جي جلسي ۾ ماڻهو گهٽ ٿيندا، شهباز شريف معاملن کي سلجهائڻ چاهي پيو، هو ان سياست جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي، 31 ڊسمبر سان اڳ ئي ٻهارو ڦري ويندو، 20 فيبروري تائين صورتحال نارمل ٿي ويندي، مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊ ٿيندي جنهن ۾ عمران خان کي اڪثريت ملندي.

شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته عدالتون جمهوريت جو فيصلو ڪنديون آهن، جلسن جلوسن سان حڪومتون ناهن ڪرنديون، منهنجي ان ڳالهه تي پي ٽي آءِ وارا به ناراض ٿي ويندا آهن پر سچ آهي ته دنيا جو سڀ کان وڏو جلسو 126 ڏينهن اسان ڪيو پر حڪومت نه ڪيرائي سگهياسين، اسان کي آخر ڪار عدالتن ۾ وڃڻو پيو، مخالف ڌر جو نشانو عدليه، فوج ۽ نيب آهي، اسان به چئي رهيا هئاسين ته حڪومت اڄ ويندي يا سڀاڻي ويندي، پر اِهي سڀ سياسي سازشون هونديون آهن، مخالف ڌر ۾ هوندي اسان به چوندا هئاسين ته ايندڙ مهيني حڪومت نه رهندي پر 126 ڏينهن جي ڌرڻي جي باوجود حڪومت ٽس کان مس نه ٿي.

ريلوي واري وزير چيو ته هي مفاد پرستن جو ٽولو آهي جيڪو هر فيصلو پنهنجي حق ۾ چاهي ٿو، نواز شريف پاڻ لنڊن ۾ ويٺو آهي ۽ ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ جو چئي رهيو آهي، حڪومت هنن کي جلسن ۽ جلسون جي کليل اجازت ڏئي ڇڏي آهي ننڍيون وڏيون رنڊڪون ٿينديون آهن، جنهن ڪارڪن کي پهچڻو هوندو آهي اُهو پاڻ پهچي ويندو آهي، جيڪڏهن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ته نه ڪرڻ گهرجي، يقين آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سمجهه کان ڪم وٺندو.

شيخ رشيد احمد مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو ته عمران خان مهانگائي هن ئي سال ۾ ختم ڪندو، نواز شريف کي جيڪو ڪرڻو سو ڪري، هن جي سياست ۾ ڪا به جاءِ ناهي، نواز شريف ضيا الحق جي پيداوار آهي، هن جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 6 تي اک پٽي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.