مراد علي شاهه نيب ۾ پيش ٿي مختلف ڪيسن بابت دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب ڪراچي جي آفيس ۾ پيش ٿي مختلف ڪيسن بابت دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا.

ذريعن موجب سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ غير قانوني ڀرتين تي نيب جاچ جاري آهي، ان ئي سلسلي ۾ سيد مراد علي شاهه کي نيب ڪراچي آفيس طلب ڪيو ويو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو وڏو وزير تقريبن هڪ ڪلاڪ نيب جي آفيس ۾ موجود رهيو، جتي کانئس نيب آفيسرن غير قانوني ڀرتين، روشن سنڌ منصوبي، شگر سبسڊي ۽ ڪڻڪ بحران بابت سوال ڪيا.

ذريعن موجب سيد مراد علي شاهه روشن سنڌ منصوبي ۽ ٻين ڪيسن بابت دستاويز پڻ نيب اختيارين کي پيش ڪيا.

پوءِ مراد علي شاهه ڊائريڪٽر جنرل نيب ڪراچي نجف مرزا سان پڻ ملاقات ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.