”پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جنگ جا خدشا تمام گهڻا آهن“

لاهور (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وچ جا خدشا تمام گهڻا آهن.

لاهور ۾ هڪ ريسرچ سينٽر جي اهتمام هيٺ ڪشميرين تي جبر جي موضوع تي ويڊيو لنڪ سيمينار ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان، حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهروراي مشعال ملڪ ۽ پ پ اڳواڻ شيري رحمان سميت ٻين شرڪت ڪئي.

سينيمار کي خطاب ڪندي سردار مسعود خان چيو ته دنيا ۾ ڪٿي ايٽمي جنگ ٿيڻي آهي ته اها ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ ٿيندي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ جا خدشا تمام گهڻا آهن، هندوتوا جي ڀرپور مخالفت ڪرڻي پوندي، ڪشمير نيوڪليئر فليش پوائنٽ بڻجي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.