نيب جي رويي سبب ڪرپشن خلاف مهم کي شڪست پئي ملي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته قومي احتساب بيورو (نيب) جي رويي سبب ڪرپشن جي خلاف مهم کي شڪست پئي ملي.

جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اسلام آباد يونين ڪونسل روات جي اڳوڻي سيڪريٽري جاويد چوڌري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي جوابدا رکي پلي بارگين درخواست تي هڪ مهيني ۾ فيصلي جي هدايت ڪري ڇڏي.

جوابدار جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ ٻيا چار جوابدار آهن جن کي نيب گرفتار ناهي ڪيو ۽ رڳو هڪ ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، نيب جوابدارن ۾ فرق ٿو ڪري.

جسٽس قاضي امين اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب کان ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته ڪيس ۾ ٻيا 4 جوابدار سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) پاس اسسٽنٽ ڪمشنرز آهن جنهن ۾ عورتون به شامل آهن.

جسٽس قاضي محمد امين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا هو سي ايس ايس وارا جوابدار ناهن؟ ڇا سي ايس ايس ڪندڙ قانون کان مٿانها آهن، نيب جي انهيءَ رويي سبب ڪرپشن جي خلاف مهم کي شڪست پئي ملي، ڇا اهڙي طرح ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي سگهي ٿي، نيب سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي گهٽ نه سمجهي، نيب جي رويي مان گهٽ ۾ گهٽ آئون ته خوش ناهيان.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.