ڪراچي جي سڀ کان وڏي ضلعي ۾ هفتيوار بازارون بند ڪرڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي ڏسندي ڪراچي جي سڀ کان وڏي ضلعي ۾ هفتيوار بازارون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سينٽرل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان سمورين هفتي وار بازارن کي بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ضلعي ۾ اربع بازار، ڇنڇر بازار ۽ آچر بازار سميت ۽ ڪار ۽ پراڻي سامان جون بازارون به نه لڳنديون، جڏهن ته وچ ضلعي ۾ هر قسم جي بازارن جا اجازت ناما رد ڪيا ويا آهن.

ڊي سي ضلعي پوليس کي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.