”ڪجهه به ٿي پوي مخالف ڌر سان مفاهمت نه ٿيندي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪجهه به ٿي پوي مخالف سان مفاهمت نه ٿيندي.

وزير اعظم عمران خان سان سينيٽر فيصل جاويد ۽ ذيشان خانزاده ملاقات ڪئي، ان ملاقات ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي بحالي جي لاءِ مختلف قدمن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي اسلامي تاريخ تي ٻڌل فيچر فلمز ۽ ڊراما مقامي سطح تي بڻائڻ تي غور ڪيو ويو.

ملاقات دوران وزير اعظم نوجوانن جي مثبت ۽ اڏاوتي سرگرميون وڌائڻ تي به زور ڏنو. هن چيو ته هو چاهي ٿو ته نوجوان اڏاوتي سرگرمين ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺن، هلندڙ هفتي ٽائيگر فورس جي ڪنونشن ۾ نوجوانن سان خطاب ڪنداسين.

سينيٽر فيصل جاويد ۽ ذيشان خانزاده سان ملاقات دوران ملاقات ۾ سياسي معاملن ۽ مخالف ڌر جي حڪومت مخالف تحريڪ تي ڳالهيون ٿيون. وزير اعظم چيو ته هن اقتدار سنڀالڻ جي پهرين ئي ڏينهن چيو هو ته ڦرمٽ ڪندڙ گڏ ٿي ويندا، ڪجهه به ٿي وڃي مخالف ڌر سان مفاهمت نه ٿيندي، هي جلسا ڪن يا ڌرڻا هڻن اين آر او نه ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.