سجاول: مل مان نڪرندڙ زھريلي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي،آبادگارن جو احتجاج

سجاول لڳ ديوان شگرمل جي الڪوحل پلانٽ مان نڪرندڙ ڪيميڪل جي زھريلي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، مقامي آبادگارن  پاران مل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،، مقامي  آبادگارن ۽ هارين  محمد حسين جت، عبدالحڪيم جت، الھڏنو جت ۽ ٻين  احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ديوان شگرمل جي الڪوحل پلانٽ مان نڪرندڙ زھريلي ڪيميڪل واري پاڻي سبب سندن زمينون تباھ ٿي رهيون آهن جڏهن ته زمينن ۾  پوکيل  فصل سڪي ۽ سڙي پاپڙي ٿي ويو آهي جنهن ڪري کين ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي،  اھڙي صورتحال سبب هو پريشاني ۾ مبتلا  آهن، انھن سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته الڪوحل پلانٽ جي زھريلي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪرائي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏياريو وڃي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.