کپرو: زميندار جي زمين تي ڇاپو ، ناحق باندي بڻايل 29 هاري بازياب

 

ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو جي حڪم تي کاهي پوليس ڳوٺ حمزوخان درس ۾ زميندار علي نواز درس جي زمين تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل مردن عورتن ۽ ٻارن سميت 29 هارين  کي بازياب  ڪرائي ورتو،  بازياب ٿيل هارين جي بازيابي لاءِ سومرو ولد چيلو ڀيل ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏني هئي،  بازياب ٿيل هارين ۾ ڪانڀو ، بالم حرمت، مينا، تارب ،سيتا ،گومي ،ڪرشنا، ويرو ،هيرو، روپو ، نسيما ،سومري، ثمينه ۽ ٻيا شامل آهن ، هارين موجب زميندار انهن کان جبري پورهيو ڪرائيندو هو ،جڏهن ته زميندار موجب هن هارين کان ڪو جبري پورهيو نه پئي ورتو نه وري مون وٽ ڪا خانگي جيل آهي هارين منهنجي قرض جا پئسا ڦٻائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو آهي ٻي پاسي ايس ايڇ او کاهي زاهد بروهي موجب بازياب ٿيل هارين کي سڀاڻي واسطيدار ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.