ميان صاحب: ٽي ايم او تعليم خانپور پاران مختلف اسڪولن جا دورا

ميان صاحب ۾ ٽي اي او تعليم خانپور روبينا سوھو طرفان پرائمري اسڪولن قطب ڪٽو ،بلاول کوھارو ،اردو پرائمري اسڪول ، سميت ٻين اسڪولن  جو دورو ڪيو ويو ،  اسڪولن ۾ ايس او پيز جي اصولن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جون ھدايتون ڏنيون ،  ٻارڙن ۽ استادن کي ماسڪ پائڻ ،سينيٽائزر استعمال ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ان موقعي تي مين پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر خادم چنا ڳالھائيندي چيو ته اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ جڳھ جي کوٽ ھئڻ سبب ھڪ ڊيسڪ تي ٻن جي جاءِ تي چار چار شاگردن کي ويھاريو وڃي ٿو، ايس او پيز جي حڪم تي عمل ڪرڻ ڏکيو آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.