پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌندي: آءِ ايم ايف خبردار ڪري ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ هلندڙ مالي سال جي دوران پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ وڌيڪ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

عالمي خابرو اداري موجب عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان جاري هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ گڏيل پيداوار يعني جي ڊي پي جي شرح منفي کان بهتر ٿي هڪ سيڪڙو ٿيڻ جي اميد جي باوجود هلندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگي جي شرح ۾ 10 ڏهائي 2 سيڪڙو واڌ ٿيندي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايندڙ سال مهانگائي جي شرح 8 ڏهائي 8 سيڪڙو ٿيڻ جا امڪان آهن. ان کان سواءِ 2021ع ۾ پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 4 ڏهائي 5 سيڪڙو کان وڌي 5 ڏهائي 1 سيڪڙو ٿيڻ جو به خدشو آهي.

ان ڳالهه جو انڪشاف عالمي مالياتي فنڊ طرفان دنيا جي سمورن ملڪن جي معيشت جي حوالي بابت هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي اثرن سبب ايندڙ پنجن سالن تائين جي معيشت جو اندازو لڳايو پيو وڃي. ان کان اڳ عالمي بينڪ جي هڪ رپورٽ ۾ به پاڪستان ۾ غربت وڌڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.