محسن داوڙ ۽ علي وزير خڙڪمر حملي ڪيس ۾ بري

 

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) اڳواڻن کي خڙڪمر چيڪ پوسٽ حملي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.

ايبٽ آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت رياست طرفان ڪيس واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪندي قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ علي وزير کي بري ڪيو.

عدالت قرار ڏنو ته جوابدارن خان ولي، نور رحمان، گل عالم، افتخار، رحيم الله، عمران ۽ احسان الله ڪيس ۾ اشتهاري آهن.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبر پختونخواهه حڪومت پي ٽي ايم اڳواڻن خلاف داخل ڪيس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.

حڪومت عدالت کي درخواست ۾ چيو هو ته صوبائي حڪومت موجوده صورتحال کي ڏسندي ڪيس واپس وٺڻ چاهي ٿي ۽ اهو فيصلو قومي مفاد ۾ ڪيو آهي.

ياد رهي ته ڪي پي جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ خڙڪمر چيڪ پوسٽ تي 26 فيبروري 2019 تي حملي جو واقعو پيش آيو هو.

خڙڪمر واقعي ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته زخمين ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل هئا.

سي ٽي ڊي پي ٽي ايم اڳواڻ محسن داوڙ ۽ علي وزير سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.