ايپل جا 5 جي ٽيڪنالوجي سان ليس 4 نوان آءِ فونز متعارف

ڊگھي عرصي ۽ افواهن کان پوءِ ايپل آخرڪار هڪ ورچوئل ايونٽ ۾ پنهنجا نوان آءِ فونز لانچ ڪري ڇڏيا.

ايپل طرفان پيش ڪيل آءِ فون 12 جي لائين اپ ۾ چار ماڊل آءِ فون مني، آءِ فون 12، آءِ فون 12 پرو ۽ آءِ فون 12 پرو ميڪس شامل آهن ۽ سڀ 5 جي ڪنيڪٽوٽي سان گڏ آهن.

آءِ فون 12 ۾ نئون ڇا آهي؟

آءِ فون 12 ۾ هن ڀيري 5 جي ڪنيڪٽوٽي جي واڌ ڪئي وئي آهي جيڪا ايپل ڊوائيسس ۾ پهريون ڀيرو ڏسڻ لاءِ ملندي. ان 5 جي ڪنيڪٽوٽي سان واهپيدارن کي فاسٽ ڊائونلوڊنگ اسپيڊ ۽ گيمنگ جو بهترين تجربو ملندو.

5 جي اوهان جي عام 4 جي سيليولر ڪنيڪشن کان 10 کان 100 سيڪڙو تيز رفتاري سان هلندي آهي.

آءِ فون جي نئين لائين اپ ۾ شامل آءِ فون 12 پرو ۾ هڪ نئين ٽيلي فوٽو لينس جي واڌ به ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 2.5 ايڪس اوپٽيڪل زوم فيچر هوندو جڏهن ته ان جي 12 پرو ميڪس ورجن ۾ 5 ايڪس اوپٽيڪل زوم هوندو.

سڀئي نوان آءِ فون 12 ڪاري، سائي، اڇي، نيري ۽ ڳاڙهي رنگن ۾ دستياب هوندا.

آءِ فون 12 جي ڊزائين

جيڪڏهن اسان آءِ فون 12 جي سائيز جي ڳالهه ڪيون ته آءِ فون 12 مني، 5.4 انچن، آءِ فون 12، 6.1 انچن، آءِ فون 12 پرو 6.1 انچن جڏهن ته آءِ فون 12 پرو ميڪس 6.7 انچن جي اسڪرين سائيز ۾ دستياب هوندا.

آءِ فون 12 سڀني ماڊلز جي فرنٽ ڪور ڊسپلي تي ”سرامڪ شيلڊ“ آهي جنهن جي ڪري ان جو گلاس سمورن سمارٽ فونز جي گلاس کان مضبوط سمجهو پيو وڃي ۽ ڪمپني موجب جيڪڏهن اها فون ڪرندي ته هاڻ جي ٽٽڻ جا امڪان گھٽ هوندا.

فون سان گڏ چار نه ملندو

هن ڀيري واهپيدارن لاءِ بري خبر اها آهي ته ڪمپني طرفان آءِ فون 12 خريد ڪندڙن کي ايئرپوڊز ۽ پاور ايڊاپٽر يعني چارجر نه ڏنو ويندو.

آءِ فون 12 جي قيمت؟

آءِ فون 12 مني جي قيمت 699 ڊالر هوندي جڏهن ته آءِ فون 12 جي قيمت 799 ڊالر آهي ۽ جيڪڏهن آءِ فون 12 پرو ميڪس جي قيمت جا ڳالهه ڪجي ته اها 999 ڊالرن کان شروع ٿئي ٿي جڏهن ته 12 پرو ميڪس جي قيمت 1099 ڊالرن کان شروع ٿيندي.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته آءِ فون 12 ۽ 12 پرو پري آرڊرز 16 آڪٽوبر کان شروع ٿيندا جڏهن ته اهي 23 آڪٽوبر کان ايپل اسٽورن تي دستياب هوندا.

ٻي پاسي آءِ فون 12 مين ۽ 12 پرو ميڪس پري آرڊرز 6 نومبر کان ورتا ويندا ۽ اهي 13 نومبر کان ايپل اسٽورن تي واهيپدارن لاءِ دستياب هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.