سنڌ حڪومت ٻيلي جي زمين جي غير قانوني الاٽمنٽ جو تحفظ ڪري رهي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ حڪومت ٻيلي جي زمين جي غير قانوني الاٽمنٽ جو تحفظ ڪري رهي آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ درياهن، ڍنڍن ۽ ڀرپاسي وڻ ڪاري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت وڻن جي واڍ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته ڪمراٽ ۽ سوات ۾ سمورا وڻ وڍيا ويا آهن، نٿيا گلي ۽ مري ۾ وڻن کي وڍيو پيو وڃي، اِها ئي صورتحال رهي ته پنج سالن کان پوءِ ڪي پي مان سياحت ختم ٿي ويندي، ماڻهو قدرتي حسن ڏسندي ئي ڪي پي ۾ ويندا آهن، وڻن جي واڍ سان برفباري بند ٿي ويندي، سنڌو درياهه ۽ ڀرپاسي ۾ ڪو به وڻ نظر ناهي ايندو، ڪچي جو سڄو علائقو سنڌ حڪومت ٻنين لاءِ نجي ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو، حالانڪ ڪچي جي سرڪاري زمين تي گهاٽا ٻيلا هئڻ گهرجن.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته پنجاب ۾ عدالتي حڪم تي ٻه لک وڻ پوکيا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته ٻن ٻن فٽن جا جيڪي وڻ پوکيا ويا آهن اُهي ته ٻڪريون ئي کائي وينديون، گهٽ ۾ گهٽ 6 فٽن جا وڻ پوکيا وڃن جنهن جو اثر به ٿئي.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته ٻيلي جي زمين جي الاٽمنٽ رد ڪري، پر سنڌ حڪومت قانون بڻائي ڇڏيو ته جيڪا الاٽمنٽ ٿي چيڪي اُها برقرار رهندي، ٻين لفظن ۾ سنڌ حڪومت غير قانوني الاٽمنٽ جو تحفظ ڪري رهي آهي.

سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته بلوچستان ۾ هن وقت تائين 40 هزار وڻ پوکيا ويا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته وڻ رڳو ڪاغذن ۾ ئي ناهن پوکڻا، اهڙيون ڳالهيون ڪيون جنهن جي اسان مجسٽريٽ کان تصديق به ڪرائي سگهون.

عدالت ٻيلي ۽ آب پاشي جي چئني صوبائي سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو ۽ اسلام آباد انتظاميا کان به ندين جي اوسي پاسي وڻ ڪاري جي تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.