باجوڙ ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ افغان بارڊر تي سرحد پار کان فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو حوالدار شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب باجوڙ ۾ پاڪ افغان سرحد تي پاڪ فوج جي پوسٽ تي دهشتگردن سرحد پار کان فائرنگ ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري چيو آهي ته دهشتگردن جي فائرنگ سان حوالدار تنوير شهيد ٿي ويو، جڏهن ته هڪ سپاهي زخمي به ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.