آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر ۽ خيرپور ۾ احتجاج

سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران  سکر ۾ ٻئي مرحلي ۾ اعلانيل مطالبن جي مڃتا لاء ريلي ڪڍي وئي جيڪا سکر بئراج کان  چيف انجنيئر سکر ۽ گڊو بئراج جي آفيسن تائين پهتي جتي چيئر مين سنڌ خادم حسين کوسو. غلام سرور ڪانڌڙو، عبدالنبي جاگيراڻي، غلام فريد سروھي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي ملازمن کي مراعاتن کان محروم رکيو ويو آهي ، کاتي ۾ فوتي ڪوٽا۔ سن ڪوٽا ۽ ٽائم اسڪيل به نه ٿو ڏنو وڃي،ھنن مطالبو ڪيو ته سندن جائز مسئلا فوري حل ڪري پکڙيل بيچيني کي ختم ڪئي وڃي . خيرپور ۾ به سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده جي ملازمن پاران ايريگيشن آفيس خيرپور کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي  ، ان موقعي تي فقير محمد اعظم، وقار ڀٽو خطاب ڪندي  چيو ته اسان ڪيترن مهينن کان جائز مطالبن لاء سراپا احتجاج آهيون ، پر افسوس جو سي ايم سنڌ ، ايريگيشن جو وزير نوٺيس وٺڻ لاء تيار ناهي ، هنن چيو ته انهن جا جائز مطالبا تسليم نه ٿا ڪيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.