نيب بينظير انڪم سپورٽ انڪوائري ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب بينظير انڪم سپورٽ انڪوائري ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪري ڪندي چيو آهي ته ايف آءِ اي اهڙي قسم جون مختلف انڪوائريون ڪري رهيو آهي.

تفصيل موجب نيب لاهور بينظير انڪم سپورٽ انڪوائري ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان پراسيڪيوشن ونگ نيب لاهور چيو آهي ته ايف آءِ اي ان قسم جون مختلف انڪوائريون ڪري رهيو آهي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي کي جعل سازن خلاف آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ نيب کي مليل شڪايتون ايف آءِ اي ڏانهن موڪليون وڃن.

پراسيڪيوشن ونگ چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪوڙا ميسيج ۽ ڪال ڪندڙن جي ڊيٽا به ايف آءِ اي کي ڏني وڃي، سادن ماڻهن کي ايس ايم ايس ذريعي 25 هزار ماهوار انڪم جي لالچ ڏني ويندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.