مختلف شهرن ۾ ٻيٽن تي قبضي ۽ صدراتي آرڊيننس خلاف شٽر بند هڙتال، احتجاج

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا .

حيدرآباد، قاسم آباد سميت شهر ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، ملير ۾ به سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ابراھيم حيدري، چڪرا ڳوٺ،  گلستان ملير ۽ ٻين علائقن ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، نوابشاهه ۾ به ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي شهر جا مک ڪاروباري مرڪز گول چڪرو،  ڪپڙا مارڪيٽ، لياقت مارڪيٽ سميت ٻيا علائقا مڪمل طور بند رهيا، بدين ۾ به سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۽ غير آئيني صدارتي آرڊيننس خلاف ضلعي جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، کوسڪي ۾ به سنڌ جي ٻيٽن تي والار خلاف شهر جون مختلف بازارون شاھي بازار، ريشم گلي سميت شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته ڪارڪنن ميان خان کوسو، عبدالستار ٻرڙو، ايوب ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ڌاٻيجي ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي شهر ۾ مڪمل هڙتال رهي، ڏهرڪي ۾ به ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي شهر ۽ ڀر پاسي جي علائقن  ريتي، رهڙڪي، نئون ڪوٽ سميت ٻين علائقن ۾ مڪمل هڙتال رهي جڏهن ته ايس ٽي پي ڪارڪنن ڄام معشوق سميجو، گل منير شر، ڄام مجيب سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي شهر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رهيا، شھدادڪوٽ ۾ به  شاھي بازار، ريشم گلي، صرافا بازار ، اسٽيشن  روڊ، سبزي منڊي سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور  بند رهيا، جروار شهر ۽ پسگردائي جي علائقن ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال رهي، نئون دنبالو ۾ مڪمل شٽرڊائون ھڙتال ڪئي وئي، ڪارڪنن احتجاج ڪري وفاقي حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ڪنڊياري ۾ به ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف شٽر بند هڙتال رهي ، ايس ٽي پي، جسقم، پ پ شھيد ڀٽو ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪڍڻ ۾ به غير آئيني صدارتي آرڊيننس خلاف شٽر بند ھڙتال ڪئي ويئي جڏهن ته ممتاز علي جت، ممتاز ملاح، لياقت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وفاقي سرڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي، مٺي ۾ به سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويئي، هڙتال سبب بازارون ويران ٿي ويون جڏهن ته پوليس جو شهر ۾ گشت پڻ جاري رهيو، ايس ٽي پي جي سڏ تي لعلو رائنڪ شهر ۾ به مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته ڪارڪنن دلبر پيچوهو، فياض ٻوهيو، ممتاز شيدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،مٺياڻي ۾ به ايس ٽي پي جي سڏ تي  شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،سجاول ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن سجاول، ميرپوربٺورو، جاتي ،شاهبندر، دڙو، جھوڪ شريف ۽ ٻين علائقن ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي، دوڙ شهر ۾ به ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي ٻيٽن تي قبضي خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪرائي وئي، تلهار ۾ به سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي جي والار خلاف ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي هڙتال واري سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، چمبڙ ۾ به ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۽ غير آئيني صدارتي آرڊيننس خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ، وارهه ۾ به سنڌ جي ٻيٽن تي صدارتي آرڊيننس ذريعي وفاق جي والار خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال رهي، جڏهن ته شھر جا مکيه ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، شاهي بازار، اناج منڊي سميت ننڍا وڏا علائقا بند رهيا، ڪارڪننن مظھر ڇٽو، غلام مرتضيٰ چانڊيو، عبدالنبي چانڊيو  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، هوڏانهن ڪوٽڙي ۾ زبردستي دڪان بند ڪرائڻ جي الزام هيٺ پوليس ايس ٽي پي اڳواڻ يونس اوٺو ۽ امجد مستوئي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جنهن تي ڪارڪنن ارشاد پنهور ۽ ابراهيم کامڙيو جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.  احتجاجن کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان آئيلينڊز ڊويلپمينٽ اٿارٽي جو قيام نه صرف صوبائي خودمختياري پر سنڌ جي وحدت تي حملو توڙي قبضي جي سازش سمجهون ٿا، هنن چيو ته وفاق کي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ سنڌ جي ملڪيت رهندا، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدارتي آرڊينس واپس نه ورتو ويو ته دما دم مست قلندر ڪيو ويندو .هوڏانهن ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڪامياب ھڙتال تي سنڌ جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته  سنڌي ماڻھن اڄ رضاڪارانه ڪاروبار بند ڪري صدارتي آرڊينسس کي رد ڪري قومي ٻڌي جوثبوت ڏنو آھي، سندس چوڻ هو ته صدارتي آرڊيننس واپس نه وٺڻ تائين سندن جدوجهد جاري رهندي.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.