حڪمرانن کي آڻيندڙ ڌانڌلي جو اعتراف ڪندي قوم کان معافي وٺن: فضل الرحمان

 

چارسدا (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جا حڪمران عالمي اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا ۽ ڌانڌلي جي پيداوار آهن، انهن خلاف اسان بغاوت جو اعلان ڪيو آهي، اسان انهن کي سمنڊ ڀيڙو ڪري ڇڏينداسين.

چارسدا ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي وڏن ملڪ جي آزادي لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ انگريز خلاف جدوجهد ڪئي، اسان ان ئي رستي تي هلي رهيا آهيون ۽ اها ئي تحريڪ هلائيندي پاڪستان کي عالمي اسٽيبلشمينٽ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين.

هن چيو ته هي 22 ڪروڙ عوام ملڪ جو آهي، جنهن کي عالمي اسٽيبلشمينٽ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ اسان جي ملڪ تي عالمي اسٽيبلشمينٽ جو نمائدو مڙهيل آهي، اسان ڌانڌلي سٽيل حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪري چڪا آهيون، تيستائين وڙهنداسين، جيستائين هن هٿ ٺوڪي حڪومت کي سمنڊ ڀيڙو نٿا ڪري ڇڏيون.

سندس چوڻ هو ته حڪمرانن ملڪ کي تباهيءَ ڪناري پهچائي ڇڏيو، غريب جو گذارو ڏکيو ٿي ويو آهي، ماڻهو پنهنجا ٻچا کپائڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، اسان خطي ۾ اڪيلائيءَ جو شڪار آهيون، انهن حڪمرانن جي ڪرسي کي ڪا اهميت نٿا ڏيون ۽ انهن جي حڪمراني کي رد ڪيون ٿا، پٺڀرائي ڪندڙ قوتون به پنهنجي مستقبل لاءِ پٺڀرائي کان مُڙي وڃي، حڪمرانن کي آڻيندڙ معافي وٺن ۽ ادارن کي تڪراري نه بڻايو وڃي.

فضل الرحمان چيو ته 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي، 25 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا، 22 نومبر تي پشاور ۾ تاريخي ميڙاڪا ٿيندا، اسان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا ڌانڌلي جي نه، هاڻ تحريڪ هلي پئي آهي ۽ منزل تي پهچي ئي ساهه پٽينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.