گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس: رياستي ادارا ناڪام ٿي چڪا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته ٻن سالن کان هڪ شهري گم آهي ۽ ڪنهن کي ڪا خبر ئي ناهي، رياست ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن.

گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ اسلام آباد ۾ عدالتي فيصلصي موجب سرڪاري آفيسرن ۽ جاچ ٽيم تي 20 لک ڏنڊ تي عملدرآمد نه ڪرائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڊي ايس پي ليگل سان گڏ اسٽيٽ ڪونسل حسنين حيدر ٿهيم عدالت ۾ پيش ٿيو.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته جبري گمشدگين جي واقعن سان پاڪستان جي ساک متاثر ٿيندي آهي، وفاقي ڪابينا کي ٻڌايو ته عدالت جو هي موقف آهي، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو گم ٿيا آهن اِها رياست جي ناڪامي آهي، اهڙو تاثر ملي رهيو آهي ڄڻ اسلام آباد ۾ دهشتگردي وڌي ويا آهن.

جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته عدالت پنهنجي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي، ٻن سالن کان هڪ شهري گم آهي ۽ ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، رياستي ادارا فيل ٿي چڪا، آئون سڀني کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري توهين عدالت جو نوٽيس ڪري سزا ڏيندس، اڃان ڪو آرڊر پاس ناهيون ڪري رهيا ڇو ته ان جا گهرا اثر پوندا.

عدالت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت نٿي چاهي ته عدالتون جبري گمشدگين جا ڪيس ٻڌن ته حڪومت قانون کي تبديل ڪري، هاڻ حڪومت وٽ آپشن آهي ته هو مغوي عمر عبدالله کي برآمد ڪرائي، ڪيس داخل ڪري جيل موڪلن يا مغوي پاڻ گهر وڃي، حڪومتي ڪميٽي، پٽيشنر، ادارن سميت سڀني کي خبر آهي ته مغوي کي ڪنهن کنيو.

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڪاش حڪومتي ڪميٽي ان قدر بااختيار هجي ته چڱا قدم کڻي سگهي ها، ڪيترائي ماڻهو ان وڪڙ ۾ ايندا، ان ڪري مغوي جي بازيابي جي لاءِ موقعو ڏئي رهيا آهيون، عدالت گم ٿيل عمر عبدالله کي بازياب ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي 10 نومبر تائين جي مهلت ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.