جوابدار کي پڪڙڻ پوليس جي ذميواري آهي، انعام ڇا جو؟ لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس لاهور جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا آهن ته هڪ جوابدار جي گرفتاري تي پوليس جو انعام ڏيڻ حيران ڪندڙ عمل آهي، جوابدار کي پڪڙڻ پوليس جي ذميواري آهي ان تي انعام ڇا جو؟

عدالت عاليه ۾ جسٽس قاسم خان متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي ايراضي تي پوليس قبضي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران انسڪپٽر جنرل (آءِ جي) پوليس پنجاب انعام غني به پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي جوابدار عابد ملهي جي گرفتاري تي انعام جو معاملو آيو جنهن تي عدالت عاليه جي چيف جسٽس حيرت جو اظهار ڪيو ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ تي پوليس طرفان انعام ڏيڻ حيران ڪندڙ عمل آهي، جوابدار کي پڪڙڻ پوليس جي ذميواري آهي، ان تي انعام ڇا جو؟ هاڻ پوليس آفيسر انعام جو انتظار ڪري پوءِ جوابدار پڪڙي.

هن چيو ته پنجاب حڪومت اِهو نئون طريقو ڳوليو آهي، ڇا پوليس جو ڪم جوابدارن کي پڪڙڻ ناهي؟ پوليس اهلڪار جيڪڏهن جوابدارن کي نه پڪڙيندا ته ڇا ڪندا؟

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته جوابدار پڪڙيا نٿا وڃن ۽ پوليس وارا قبضا ڪري رهيا آهن، اِهو ٻڌايو ته پوليس قبضو ڪهڙي طرح ڪيو آهي، پوليس جي انڌير نگري آهي، پوليس قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ته ورديون لاهرائي گهر موڪلي ڇڏيندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.