ٺل جي 3 مقتولن جا قاتل آزاد، احتجاج

ٺل (ن ع آ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ ست سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا سراپا احتجاج بڻيل آهي،ڪالهه پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا پنهنجي پٽ جي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،ان موقعي تي پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا چيو ته رب پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،ڪورٽن مان مون کي انصاف نه مليو پر الله پاڪ مون سان انصاف ڪيو آهي،منهنجي پٽ جي خون ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي به پنهنجي سزا ملندي،هن چيو ته منهنجي پٽ کي وياجي عبدالواحد عرف نجو گولو سندس ساٿين بيدردي سان قتل ڪيو،ست سال گذري وڃڻ جي باوجود پوليس مون سان انصاف نه ڪيو،جوابدارن پاران منهنجي ور مرحوم نيڪ محمد چنو ۽ پٽن نور محمد ۽ ٻين جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جيئن اسان ڪيس تان هٿ کڻي وڃون پر اسان ڊٽڪي بيٺل رهياسون،اسان کي الله پاڪ مان اميد آهي ته اسان سان ضرور انصاف ٿيندو،ٻئي طرف ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي.،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي.ڪالهه 461هين ڏينهن به جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجهه وقت لاءِ معطل ٿي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جمال جوش ٻرڙو،حاڪم ڊول،سرواڻ لاشاري،گل حسن ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته 15 مهينا اڳ شڪارپور سوئيٽس بيڪري مالڪ ۽ ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي کي قتل ڪيو ويو پر افسوس جو هن مهل تائين ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ڪوبه ڪردار ادا ناهي ڪيو ويو،جنهن بعد جوابدار ڌمڪائڻ بعد حملا ڪري رهيا آهن،هنن چيو ته ايس يو پي جي ضلعي صدر جوش ٻرڙو جي گهر مٿان جوابدارن پاران حملو ڪيو ويو پر افسوس جو پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي،جوابدار آزاد گهمندا رهن ٿا پر پوليس انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،هنن مطالبو ڪيو ته مقتول قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ۽ جمال جوش ٻرڙو مٿان حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو،هوڏانهن ٺل ڀرسان ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي محمد يوسف کوسو ۾ 56 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي محمد ابراهيم ٽالپر کي مبينا قتل ڪرڻ لاش اڇلائڻ جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽالپر برادري پاران 16هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،. هنن انصاف جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.