مونکي ڏنل آجياڻي ۾متحده لندن جا نعرا ناهن لڳا: روشن مشوري

حيدرآباد(رپورٽر) پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) جي چونڊن ۾ حيدرآباد سٽي جي صدارت جي اميدوار ايم روشن علي مشوري حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن جي حوالي سان ڪي به نعرا نه لڳا آهن، جڏهن ته هڪ اخبار ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي حوالي سان نعرن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو بلڪل ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته سندس مخالف استاد جان محمد پينل جي اميدوارن پنهنجا ذاتي واسطا استعمال ڪري اخبار ۾ ڪوڙي خبر هڻائي آهي. هن خدشو ظاهر ڪيو ته 18 آڪٽومبر تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ سندس پينل خاص عورت استاد ووٽرن کي مخالف پينل پاران حراسا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. هن ايف آءِ اي سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ايم ڪيو ايم لنڊن جي حوالي سان خبر جي جاچ ڪرائي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.