سيوهڻ ۾ سوشل فورم اڳواڻ خلاف احتجاج

سيوهڻ (ت ر)سيوھڻ سوشل فورم جي 2 ڏينهن اڳ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف نڪتل ريلي ۾ سيوھڻ سوشل فورم جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري آفتاب سولنگي پاران پنهنجي خطاب ۾ سيوھڻ جي شھرين ۽ نياڻين کي اخلاق کان ڪريل گٿا لفظ ڳالھائڻ واري واقعي سيوھڻ جي شھرين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي چيڙائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شھرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي. اھڙي عمل خلاف شھري اتحاد سيوھڻ ۽ پيپلزپارٽي سٽي سيوھڻ جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ شھرين سيوھڻ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪرڻ بعد ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي سيوھڻ سوشل فورم کي تڪراري تنظيم قرار ڏيندي ان تي فوري طور پابندي مڙھڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي پ پ سٽي سيوھڻ جي صدر ابراھيم چانڊيو، اڪبر ڪٽوھڙ، شھري اتحاد جي اڳواڻن منظور سومرو، علي نواز سولنگي، رفيق ڏيٿو، اعجاز اوٺو، نياز کوسو، آصف سيال ۽ ٻين چيو ته نام نھاد سماجي تنظيم جي اڳواڻ آفتاب سولنگي شھر وچ ۾ بيھي سيوھڻ جي شھرين ۽ نياڻين کي گٿا لفظ ڳالھايا آهن جيڪو تمام افسوسناڪ ۽ ناقابل قبول عمل آهي ان ڪري آفتاب سولنگي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سيوھڻ سوشل فورم تي پابندي لڳائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.