باڊهه جو گرلس ڊگري ڪاليج مسئلن جو شڪار

باڊھ (ن ع آ ) باڊھ ۽ ڀرپاسي جي نياڻين کي بھتر تعليم مھيا ڪرڻ لا۽ سرڪار پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل باڊھ گرلس ڊگري ڪاليج شاگردياڻين ڪو به لاڀ ڏئي نه سگھيو آھي ڪاليج ۾ ھن وقت 350 کان به وڌيڪ شاگردياڻيون داخل ٿيل آھن جن پڙھائڻ لا۽ رڳو 2_ليڪچرار مقرر ٿيل آھن جيڪي رڳو سنڌي ۽ اردو سبجيڪٽ پڙھائن ٿا جڏھن ته انگلش مئٿ ڪيميسٽري بايولوجي ۽فزڪس سميت سائنس پڙھائڻ لا۽ ڪو به ليڪچرار مقرر ٿيل ڪونھي جنھن ڪري ڪاليج جي شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رھي آھي ڪليج ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽس نه ھئڻ ڪري سوين نياڻيون بنا تعليم حاصل ڪرڻ جي پنھنجي گھرن ڏانھن واپس وڃڻ تي مجبور آھن اھڙي صورتحال سبب ڪيترين ئي ڪاليجي نياڻين پاڻ کي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي .

ھوڏانھن ڪاليج جي چوڌاري ڪيتري ئي عرصي کان گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي جنھن جي ڪري ڪاليج اندر ھر وقت بدبوء پکڙيل رھي ٿي جنھن ڪري شاگردياڻين کي سخت پريشاني سان منھن ڏيڻو پوي ٿو شاگردياڻيون بدبوء جي ڪري ڪلاسن اندر ويھي نٿيون سگھن ھوڏانھن ڪاليج ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين کي ڪاليج طرفان ڪا به ٽرانسپورٽ جي سھولت ميسر ٿيل ناھي شاگردياڻين جا وارث ڳرا خرچ برداشت ڪري پنھنجن نياڻين کي رڪشائن چنگچين اسڪوٽرن ۽ وينن ذريعي ڪاليج پھچائن ٿا ۽ گھر وٺي وڃن ٿا مھانگائي ۽ بيروزگاري سبب اڪثر غريب گھراڻن جون نياڻيون ڪاليج وڃڻ بدران گھن ۾ رھڻ کي ترجيح ڏين ٿيون .

ٻئي طرف علائقي ساڃاھ وندن ڪاليج کي درپيش مسئلن تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي تعليم کاتي ڪاليج جي بنيادي مسئلن جو ذميوار قرار ڏيندي بنادير مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.