ڳڙهي ياسين ۾ آپڪا جي گڏجاڻي، حلف برداري تقريب بابت مشاورت

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن تعلقه ڳڙھي ياسين جي گڏجاڻي عنايت الله ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري ، جنهن ۾ سڀني عھديدارن متفق راء سان فيصلو ڪيو ته حلف برداري جي تقريب ۾ مھمان خاص طور اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني کي دعوت ڏني وڃي ، ان موقعي تي آپڪا صدر تعلقا ڳڙھي ياسين عنايت الله ميمڻ چيو ته آپڪا چئني صوبن جي تنظيم آھي .، ھن چيو تہ اسين محترم عبدالوھاب ڪاغذي صاحب جا مشڪور آهيون جنھن آپڪا تعلقا ڳڙھي ياسين جو وجود رکيو تعلقي باڊي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

نصير آباد ۾ بجلي جو مرمتي ڪم ڄاڻائي 2 فيڊرز بند

 

نصيرآباد (ن ع آ ) شهر جي معثيت کي تباھ ڪرڻ لاءِ سيپڪو نصيرآباد هٿ ڌوئي پويان پئجي وئي آهي، 11 هزار ڪي وي جي لائينن جي مرمت بهاني نصيرآباد شهر جا ٻہ فيڊر ۽ باڊھ شهر کي بجلي مهيا ڪندڙ هڪ فيڊر 11 آڪٽوبر کان 25 آڪٽوبر تائين صبح جو 9 وڳي کان شام جو چئين وڳي تائين بند ڪرڻ جي اعلان ۽ عمل ڪرڻ سبب ٻنهي شهرن جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، جنهن ڪري شهري، واپاري ۽ ڪارخانن تي ڪم ڪندڙ مزدور سخت پريشان ۽ بيروزگار ٿي ويا آهن. جن لائينن جي مرمت بهاني بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، تن لائنن تي ڪوبہ ڪم يا مرمت نہ ٿي رهي آهي. معتبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي تہ گرڊ اسٽيشن نصيرآباد 9 لکن کان مٿي يونٽ اضافي ٻاري چڪي آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ مرمت جو ڍونگ رچائي ٻنهي شهرن جي واپار کي نقصان پهچايو پيو وڃي.

ٻئي پاسي شهر جون سياسي، سماجي۽ ڪاروباري تنطيمون هن معاملي تي خاموش بڻيل آ

 

سکر(  رپورٽر ) ڪلوڙ اسوسيئشن پاڪستان جي   سرپرست اعلئ چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ، چيئرمين  شفيق الله ڪلوڙ، جنرل سيڪريٽري افضل عطا ڪلوڙ، گلبهار خان ڪلوڙ،ڊاڪٽر عمران ڪلوڙ،ڊاڪٽر شمس الدين ڪلوڙ، زبير ڪلوڙ،منير ڪلوڙ،ڪامريڊ الله بخش ڪلوڙ، عبدالسلام ڪلوڙ،غفار خان ڪلوڙ،اختيار علي ڪلوڙ، زبير خان  ڪلوڙ ،ساحل نياز علي ڪلوڙ،ممتاز ڪلوڙ،سردارزاده فدا حسين ڪلوڙ ۽ مرڪزي  پريس ترجمان امداد علي ڪلوڙ ۽ ٻين جا بلوچستان جي ڪلوڙ برادري وارن شهرن  گنداوا ۽ ڀاڳ ناڙي جو دورو ڪيو ،گنداوا ۾ پهچڻ تي ڪلوڙ برادري جي اڳواڻن عاشق حسين ڪلوڙ ۽ قاضي الطاف خان ڪلوڙ پاران شاندار آجيان ڪئي وئي گنداوا ۾ بلوچستان ليويز پوليس جي حوالدار شهيد رسول بخش ڪلوڙ  ۽  شاهد حسين  ڪلوڙ جي والد  جي  ان جي گهر وارن سان  عذر خواهي ڪئي ۽ دعا گهري وئي، ۽ عاشق حسين ڪلوڙ ۽ قاضي الطاف خان ڪلوڙ پاران  چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ ۽ ڪلوڙ اسوسيئشن پاڪستان جي مرڪزي قيادت جي آجياڻو ڏنو ان موقعي تي عاشق حسين ڪلوڙ ۽ قاضي الطاف خان ڪلوڙ چيو ته اڄ اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته  چيف سردار عبدالواحد خان ڪلوڙ ۽ ڪلوڙ برادري اسان وٽ گنداوا آيا ۽ اسان سان ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهيو چيف سردار عبدلواحد خان ڪلوڙ ۽ ڪلوڙ برادري جا شڪرگذار آهيو ن ، ڀاڳ ناڙي پهچڻ تي   ڪلوڙ برادري جي اڳواڻن نڪا خان ڪلوڙ ، حاجي الياس خان ڪلوڙ، مشتاق ڪلوڙ ۽ جاويد احمد خان ڪلوڙ پارن  شاندار آجيان ڪرڻ کان پوء رات جو آجياڻو ڏنو .جنهن ۾ ڀاڳ ناڙي جي ڪلوڙ برادري تمام گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.