ڏهرڪي ۽ ڀرپاسي بيماريون، ڪيترائي ماڻهو بيمار

ڏهرڪي )ت ر) ڏھرڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي صحت کاتي  ٽائون ڪاميٽي سميت صحت کاتو ۽ اينگرو ڀاڻ فيڪٽري جو مڇر ماريندڙ  ٽيمون نه پهتيون ڪيترا مرد عورتون توڙي ٻار دست الٽين ۽ بخار ۾مبتلا ٿي ويا آهن ڏهرڪي ۽ ڀرپاسي جي علائقن جونگ ڪالوني بلوچ  ڪالوني ليبر ڪالوني شاه لطيف ڪالوني مصطفي آباد قطب ٽائون سميت شهر جي مختلف علائقن توڙي ڳوٺن ۾  انتظاميه پاران مڇر مار اسپري نه ڪرڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ ڊينگي  ۽ مليريا  ۽ ڪرونا جھڙيون بيمارين جي ڦھجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. مڇرن کي  مارڻ وارو اسپري استعمال نه ھئڻ سبب ڏھرڪي شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾  مڇرن  جو تعداد وڌڻ سبب مليريا  جي مريضن جو تعداد وڌي ويو آھي شهرين سيٺ روچل رام سنجي ڪمار غريب نواز علوي ميڊيا کي دانهيندي چيو آهي ته شهر۾ ٽائون عملي جي ناقص ڪارڪردگي سبب شهري پاڙن ۾گندگى جا ڍير لڳل آهن ۽ گندو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري آبادي جي علائقي ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي هنن چيو ته اسان ٽائون آفيسر ۽ صحت کاتي وارن کي دانهين ٿڪجي پيا آهيون ته مڇرن جو آزاروڌي ويو آهي پر انهن جي مٿي تي جون به ڪونه ٿي چري اسان ڊي سي گهوٽڪي ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪيون ٿا ته  شهر جي پاڙن ۾ مڇرن مارڻ واري اسپري جو استعمال جا اپاء ورتا  وڃن ته جئين ماڻهن کي هن موذي بيماري کان بچئي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.