البرڪا بينڪ ۽ قطر فيملي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون

ڪراچي ( پ ر ) البرڪا بينڪ (پاڪستان ) هڪ تقريب دوران پاڪ قطر فيملي تڪافل سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن، اهاشرڪت داري بينڪ کي البرڪا تعمير سيونگ پلان جي صارفين کي شريعت واري طريقي موجب تڪافل ڪوريج فراهم ڪرڻ جي قابل بڻائيندي. البرڪا بينڪ تعمير سيونگ پلان شريعت مطابق هڪ جديد پروڊڪٽ آهي جيڪا بچت، سرمايو ٺاهڻ ۽  تحفظ جو انوکو موقعو فراهم ڪندي آهي. ان سان صارفين مستقبل ۾پنهنجي ٻارڙن جي تعليم، شاديون وغيره جي لاءِ مستقل طور بچت ڪري سگهندا،ان موقعي تي البرڪا جي سي اي او مسٽر احمد شجاع قدواني جو چوڻ هو ته البرڪ هميشه پنهنجي صارفين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي خواهشمند رهي آهي. ان سان اسان صارفين کي بچت ڪرڻ لاءِ شريعت موجب بهتر سهولت ڏئي سگهون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.