ڪاليجي استادن سان ناانصافين خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ اڳيان ڌرڻي جو اعلان

ملير ( جميل چانڊيو) ڪراچي سميت سنڌ جي سڀني ڪاليجن جي نان ٽيٽچنگ اسٽاف سان گڏ نا انصافيون ناقابل برداش وارو عمل آهي. 1 گريڊ کان وٺي 4 گريڊ تائين جي ملازمن ۾ جيڪا بيچيني آهي اها انشالله تمام جلد ختم ٿي ويندي، اسان 14 آڪٽوبر جي ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي سامهون پنهنجي مطالبن جي حق ۾ زبردست احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. اهڙين ڳالهين جو اظهار سنڌ جي نان ڪاليجز ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئشن جي چيئرمين سيد رضا شاهه، سينيئر وائيس چيئرمين وسيم زئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر اقبال ۽ عندالرزاق گبول گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج رزاق آباد، لانڊهي انڊسٽريل ايريا، آصفہ بهٽو گرلز ڪاليج، مراد ميمڻ ڳوٺ ۽ تمام مضافاتي ڪاليجن جي نان ٽيچنگ اسٽاف کي خطاب ڪندي چيو. خبر موجب: ڪراچي سميت سنڌ جي سڀنن ڪاليجن جي نان ٽيٽچنگ اسٽاف سان گڏ نا انصافيون ناقابل برداش وارو عمل آهي.

1 گريڊ کان وٺي 4 گريڊ تائين جي ملازمن ۾ جيڪا بيچيني آهي اها انشالله تمام جلد ختم ٿي ويندي، اسان 14 آکٽوبر جي ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ جي سامهون پنهنجي مطالبن جي حق ۾ زبردست احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. اهڙين ڳالهين جو اظهار سنڌ جي نان ڪاليجز ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئشن جي چيئرمين سيد رضا شاهہ، سينيئر وائيس چيئرمين وسيم زئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر اقبال ۽ عندالرزاق گبول گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج رزاق آباد، لانڊهي انڊسٽريل ايريا، آصفہ بهٽو گرلز ڪاليج، مراد ميمڻ ڳوٺ ۽ تمام مضافاتي ڪاليجن جي نان ٽيچنگ اسٽاف کي خطاب ڪندي چيو. انهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جو هڪ ئي نظريو آهي ۽ اسان بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندا رهنداسين،  ان موقعي تي اسڪينٽوا جي مرڪزي آفيس سيڪريٽري جهانگير احمد آفتاب، سرپرست اعليٰ ڪراچي ڊويزن جي عبدالمجيد، ڪنرل سيڪريٽري مهتاب عالم، جوائنٽ سيڪريٽري، ڪاشف هارون، ڊسٽرڪٽ. ڊسٽرڪٽ ملير ۽ شاهراه فيصل ڪالوني جي صدر شيخ اختر علي، سينيئر نائب صدر سليم حنيف، فنانس سيڪريٽري، سجاد، حيدر آباد ڊسٽرڪٽ جي صدر سليم مهيڙي، جنرل سيڪريٽري عمران خاصخيلي، ڪراچي ڊويزن جي صدر عاصمہ علي، ملير جي تمام ڪاليجن کي نان ٽيچنگ اسٽاف محمد سومار جوکهيو، حسين ساگر خاصخيلي، نصير احمد بلوچ، محمد خالد جوکهيو، جهانزيب، دلمراد بهٽي، وحيد علي اوڏهو، يونس ڏهکن، علي احمد جوکهيو. الياس جوکهيو، امتياز ميمڻ، طارق بلوچ، قاضي آصف قريشي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ 14 آڪٽوبر جي ڏينهن ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ کي يقين دهائي ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.