پيرونمل جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، احتجاج

پيرونمل ( ن ع آ)پيرونمل ڀرسان برسات متاثر سراپا احتجاج بڻيل سندن ڪنھن به واهر نه ڪئي، تفصيل موجب يوسي ساڌڻو ۽ ديه محمد علي واھ جي ڳوٺ علي شير بروهي جا رهواسي برسات سبب سخت متاثر ٿيا پر برسات کي لڳ ڀڳ ٻه مهينا گذرڻ باوجود به سندن ڪنهن به سار نه لڌي نه ڪنهن راشن ڏنو نه ڪنهن ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو آهي ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن سوڍو اوڏ پيارو اوڏ جمعو اوڏ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن به واهر ناهي ڪئي نه راشن مليو نه ڪو ٽينٽ  هنن وڌيڪ چيو ته اسان اڃان تائين روڊ تي ويٺل آهيون پر ڪنهن به واهر ناهي ڪئي ٻئي پاسي پنھنجا نوازي سان امداد راشن وغيره ڏنو پيو وڃي .

پر اسان جي اڃا تائين ڪنھن به سار ناهي لڌي هنن ڊي سانگھڙ ۽ وس وارن کان اپيل ڪندي چيو ته خدارا اسان کي پنھنجي گھرن جو پاڻي نيڪال ڪرائي ڏنو وڃي ته جيئن اسين پنھنجن ٻچن سان پنھنجن اجھن ۾ ويھي سک جو ساھ کڻي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.